SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Security Dilema

(click word to listen sound
  • 🔊
  • sikjeəritiː
  • dilema
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Security Dilema

سڪيورٽي ڊائليما

عدم سلامتيءَ جو احساس

هڪ ٻئي جي ويجهو موجود يا پاڙيسري ملڪن جي وچ ۾ ڪن مسئلن جي هجڻ ڪري سيڪيورٽي جي معاملن بابت اڪثر منجهن ڪشمڪش رهندي آهي، جنهن جي ڪري انهن ملڪن جي قيادت طرفان فوجي صلاحيت کي سگهارو ڪرڻ تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏنو ويندو آهي. انهيءَ ڏس ۾ جڏهن به ڪجهه ملڪ پنهنجو غلبو ڄمائڻ لاءِ فوجي سرگرميون تيز ڪري ڇڏيندا آهن، ته ٻين ملڪن کي پنهنجي غير محفوظ هجڻ جو خوف رهندو آهي ۽ انهيءَ عدم سلامتيءَ ڀري ڪشمڪش (سيڪيورٽي ڊائيلما) ۾ مستقل رهڻ ڪري امن لاءِ مستقل حل ڳولڻ ۾ منجهانئن هر ملڪ ناڪام ويندو آهي. هن تصور کي سڀ کان پهريان 1950ع ۾ سياسي معاملن جي ماهر ۽ عالم ”جان ايڇ هرز“ سامهون آندو. ”هرز“ مطابق ”سيڪيورٽي ڊائليما“ ڪنهن مخصوص گروپ يا ماڻهن سان لاڳو ناهي، يا هي فقط ڪو نفسياتي عمل ناهي، بلڪ ”عدم تحفظ جو احساس“ هڪ اهڙو نظام آهي، جنهن جو اثر ملڪ ۾ اندر مُختلف گروهن، شعبن ۽ انهن سان وابسته ماڻهن تي پئي ٿو ۽ ڪنهن حد تائين لاقانونيت کي به جنم ڏئي ٿو. ”هرز“ مطابق سرد جنگ جي صورتحال ۽ ٻن سگهارن ملڪن (سوويت ۽ آمريڪا) جو پاڻ ۾ ٽڪراءُ، دُنيا جي ٻين خطن ۽ ملڪن کي پڻ غير محفوظ ڪري ٿو. هڪ ٻئي محقق ۽ سياسي ماهر ”بيري بوُزان“ به هرز“ سان متفق ٿيندي، ”سڪيورٽي ڊائليما“ کي سدائين ”غير محفوظ دنيا “ جي هجڻ جو عنصر ڄاڻايو آهي. هن اصطلاح، تي سڀ کان وڌيڪ تحقيق ”رابرٽ جروِِس“ جي ڪيل آهي. هن سياسي معاملن جي ماهر، جي ڪتابن ۽ مضمونن منجهان سيڪيورٽي جي معاملن ۾ غير يقينيءَ سبب پيدا ٿيل خدشا ظاهر ڪرڻ ۽ امن لاءِ ڪوششون وٺڻ جي سلسلي ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ جا حل ملن ٿا. ”جروِس“ مطابق جيڪڏهن جنگ معاشي بدحالي کڻي ٿي اچي، ته ڇو نه جنگ ذريعي معاملا حل ڪرڻ تي سوچڻ ڇڏي ڏجي ۽ امن لاءِ ڪوششون وٺجن، ڇاڪاڻ ته ان عمل سان ڪو به ملڪ غير محفوظ هجڻ ۽ ”هميشه خطري هيٺ رهڻ“ واري ڪيفيت ۾ نه رهندو. سندس خيال موجب قومن طرفان ٿيندڙ فوجي سرگرميون، هڪٻئي تي حملي ڪرڻ لاءِ نه، بلڪه فقط بچاءُ جي لاءِ هُجڻ گهرجن فوجي سرگرمين سان فقط حفاظتي انتظامن وارا اُپاءُ جڙيل هجڻ کپن. سياسي حلقن ۾ هن طرح جي تصورن ۽ سوچ کي هڪ فلاسافيءَ طور ته مڃيو وڃي ٿو، پر عملي طور تي ملڪن کي مستقل طور تحفظ ڏيڻ ۽ دنيا ۾ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ جامع حل ڳولڻ لاءِ اڃا به وڌيڪ جاکوڙ جي ضرورت آهي


Remember Me Also:

لاهوري

ذ . لاهور جو رهاڪو ، لاهور وارو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal